ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڻڀرائپ کي لازمي قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ت?? پاڪست??ن ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه آڊيٽوريم ۾ پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج (پي اين اي سي) جي 35 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي ت?? ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمود ۽ ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل محمد سليم پڻ موجود هئا. ڪانووڪيشن دوران غيرملڪي شاگردن سميت مجموعي طور تي 368 گريجوئيٽس کي بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون ڏنيون ويون. صدر شاگردن کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي ت?? 39 ميڊلز سان پڻ نوازيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ڪندڙ صنعت کي معياري انجنيئرز فراهم ڪرڻ ۽ تعليم جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پي اين اي سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ڏس ۾ پي اين اي سي جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نسٽ پي اين اي سي ملڪ جي موجوده انجنيئرنگ جي ضرورتن کي پورو ڪندي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو سڀ کان وڏو ادارو هجڻ جو اعزاز برقرار رکندو. صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏني ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مشو??و ڏنو ته اهي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ معاشري جو فعال ميمبر بڻجن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بدلجندڙ ترقي کان پاڻ کي باخبر رکن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن پاران ڊگرين جي تڪميل کي شاگر??ن جي لاءِ علم جا دروازا کولڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته انهن کي وڌ کان وڌ سکڻ گهرجي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پي اين اي سي ڪموڊور توقير احمد خواجه ٻڌايو ته پي اين اي سي پنهنجي شاگردن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ انجنيئرنگ جي بهترين تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اهو ته هن اداري مان فارغ ٿيندڙ شاگر??ن جي قومي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي نوجوان انجنيئرز کي ت??ار ڪرڻ جي لاءِ مختلف فورمز تي فراهم ڪيل موقعن تي روشني وڌي. تقريب ۾ فوجي ۽ سول معززين ۽ فارغ ٿيندڙ شاگر??ن جي والدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب