اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي روس سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ??عا??ن جي فروغ جا تمام گهڻا ??وقعا موجود آهن. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان ۾ روس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊانيلا گاينچ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهشمند آهي، پاڪستان روس سان واپار، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ ??عا??ن چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گه??ي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي ??عا??ن جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ روس لاڳاپا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. صدر ??زه جي صورتحال، فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين سميت هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئي. صدر پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردار کي ساراهيو. صدر ??وسي سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
پاڪستان ۽ روس ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون