نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي، پائيدار ترقياتي هدفن جي ا??لاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي ا??لاس جي موقعي تي فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ مباحثي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان پاران ان اهم موضوع تي مڪالمو منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اسان کي ايس ڊي جيز سربراهه اجلاس ۾ ڪيل واعدن تي لازمي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي آ??ي ته نجي شعبي کي شاامل ڪري ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. بدقسمتي سان نجي شعبي جي سيڙپڪاري جو وڏو حصو دنيا جي ا??رندڙ معيشتن طرف آهي جڏهن ته اسرندڙ ملڪن ۾ اها سيڙپڪاري نه ??هي. گڏيل قومن کي ا??رندڙ ملڪن ۾ نجي شعبي پاران سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي سببن جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ پبلڪ پرا??يو??ٽ حصيداري جي تناسب جو ادارو قائم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته غريب ملڪن ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ضروري ??هي. پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. پائيدار ترقي جي هدفن جي ا??لاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. توانائي جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا اسرندڙ ملڪن جي ترقي جي رفتار کي روڪي رهيا آهن. معاشي رقم جي پهچ بهتر هجي ته ايس ڊي جيز ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ايس ڊي جيز تي مستنند پروگرامز کي ا??رندڙ ملڪن جي لاءِ اڳتي آڻڻو پوندو. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته گرين بانڊ، مالي وسيلن جي فراهمي، انشورنس اسڪيمن ۽ خودمختيار ضمانت، پبلڪ پرا??يو??ٽ حصيداري جي لاءِ فائديمند ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري ??هي. ان کانسواءِ قرض ڏيندڙ ادارن جي لاءِ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. اهو گڏيل قومن سان واڳيل ادارو پيشيواراڻي طور تي منظم پراجيڪٽ يونٽ پڻ جوڙي سگهي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي 130 ڪنٽري آ??يسز کي ا??رندڙ ملڪن جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڍانچو تيار ڪرڻ ۽ ايس ڊي جيز منصوبن جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري ۽ ترغيبي ڍانچو تيار ڪيو وڃي ۽ قومي منصوبن جي تياري ۾ معاونت ڪئي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجون اهي تجويزون جنرل اسيمبلي جي ا??لاس دوران پيش ڪندو.
گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ