اسلام آباد / مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪش??ير جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ والاريل سرينگر ۾ ڀارت پاران جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندڙن ۾ پيپلزپارٽي آزاد ڪش??ير جو صدر چوڌري محمد ياسين، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سردار يعقوب، فيصل راٺوڙ، جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد بڍانوي، قاسم مجيد، بازل نقوي، نبيلا ايوب، عامر ياسين ۽ سردار ضياءَ قمر شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو ڪش??ير معاملن وارو ص??اح??ار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هو. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪش??ير جي اڳواڻن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس جو والاريل سرينگر ۾ منعقد ٿيڻ ڪش??يرين جي لاءِ ناقابل قبول آهي. هنن بلاول ڀٽو زرداري کي والاريل ڪش??ير ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪانفرنس دوران مظفر آباد ۽ باغ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ درخواست ڪئي ته هو ان موقعي تي ڪش??يرين جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪش??ير جو ڪيس منهنجي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪش??ير جي اڳواڻن جي باغ ۽ مظفرآباد جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪش??ير جي دعوت تي پناهگيرن سان ملاقات پڻ ڪندو ان موقعي تي سول سوسائٽي سان پڻ رابطا ٿيندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري باغ، آزاد ڪش??ير ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو ۽ والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات