اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس مو??ب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽريليا وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تع??ون تي ٺوس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ مو??مياتي تبديلي جي شعبن ۾ تع??ون پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ گهڻ رخي ترجيحن ۾ تع??ون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستان جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تع??ون تي خاص ڌيان ڏ??ندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي باسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا