اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ج?? نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو آ??ي ۽ پاڪستان جي لاءِ خ??متن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان سان ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي تجويز تي ان جي وارثن کي پارڪ انڪليو اسلام آباد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قاضي عبدالرحمان امرتسري جي پاڪستان جي لاءِ خ??متون وسارڻ جوڳيون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ته اسلام آباد کي اسلام آباد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قاضي عبدالرحمان امرتسري کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم سي ڊي اي عملدارن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ باقي رهيل ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا خاص طور تي حامد مير کي ان ڳال??ه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. وزيراعظم سي ڊي اي چيئرمين ??ور??لامين مينگل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس وارثن کي پلاٽ الاٽ
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات