اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پ??جا?? حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن تحت غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيرا??ظم جي صدارت ۾ پ??جا?? ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي جي جائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب خاندانن کي مفت اٽي جي فراهمي جو اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون پئڪيج آهي جيڪو وزيرا??ظم جي خصوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پ??جا?? صوبي ۾ غريب ترين ماڻهن کي خصوصي رمضان پئڪيج تحت مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيرا??ظم غريب خاندانن کي رمضان پئڪيج تحت اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رمضان مهيني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وزيرا??ظم جي هدايت تي پ??جا?? ماڊل جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ رمضان پئڪيج جي غريب عوام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پ??جا?? زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سيڪريٽري مجاهد شير دل رمضان پئڪيج جي حوالي سان وزيرا??ظم کي بريفنگ ڏني. پ??جا?? جي نگران وڏي وزير سيد م??سن رضا نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب حڪومت پاران مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado