اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ??لڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ٻوڏ متاثر علا??قن جو فضائي دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علا??قن جو دورو ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻوڏ کان متاثر علا??قن جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ترڪيه کانسواءِ گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ادارن جي نمائندن پڻ ٻوڏ کان متاثر علا??قن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سکر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو
مضمون کا ماخذ : apostas quina