اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه حڪ??مت ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ آساني ??قيني بڻائي رهي ??هي، ٽيڪس جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪ??مت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ماهر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني ??يڪس جي نظام جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي مثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ٽيڪس جو ب??ر گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ