اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ??احول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ اسپيشل تيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ??ابت اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، خيبرپختونخواهه جي آءِ ٽي واري صوبائي وزير عاطف خان، بلوچستان جي صنعت واري صوبائي وزير حاجي محمد خان طور، پنجاب جي آءِ ٽي واري صوبائي وزير همايون ??اسر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي ??ڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، پنجاب جو وڏو وزير، بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ٻين صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي اجلاس کي ملڪ ۾ مختلف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ انهن زونز ۾ سيڙپڪارن کي ميسر سهولتن ۽ مراعتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو مقصد ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، غيرملڪي سيڙپڪاري، افرادي قوت جو فروغ، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ روانگي واپار کي وڌائيندي درآمدات جو متبادل پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪارن کي وفاقي حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ??احول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر اها سهولت فراهم ڪري رهي آهي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ميسر اچي ٿي. وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه ڪاروباري برادري جي سهولت لاءِ ون ??نڊو آپريشنز کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کان بچائي ??گهجي. وزيراعظم صوبائي ??ڪومتن کي هدايت ڪئي ??ه آڪٽوبر جي مهيني ۾ دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ايڪسپو جهڙي موقعي جو ڀرپور فائدو کنيو وڃي ۽ ملڪ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ ملندڙ موقعن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي.
حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن