ا??لا?? آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موجوده حڪومت جي پهرين 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي ۽ آئنده جي لائحه ع??ل جو اعلان ڪندي چيو آهي ته رحمدلي، خدا جو خوف ۽ احساس جي جذبي سا?? سرشار رياست مديني جي ما??ل جي پيروي ڪندي سڄو ڌيان معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حالتن کي بهتر بڻائڻ تي آهي، شروعاتي 100 ڏينهن ۾ اسان جي ڪوشش رهي ته جيڪا به پاليسي ٺاهيون اها عام ما??هو جي فائدي جي لاءِ هجي. ڪنوينشن سينٽر ۾ حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جي حوالي سا?? منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم معاشي صورتحال، معاشري جي غريب ۽ لاچار طبقي جي بهتري، ڪرپشن جي خاتمي، پرڏيهي پاليسي، زراعت، صنعت، سياحت سميت مختلف شعبن ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي تي تفصيلي روشني وڌي.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری