اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جمهوري عمل جي تسلسل سان ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، گئس ۽ بجلي جي کوٽ جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ٿيندڙ اقتصاد?? واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه آچر ڏينهن چترال گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي پهرين يو??ٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پهرين يو??ٽ جي افتتاح تي وزيراعظم سان گڏ چترال مان قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، واپڊا چيئرمين سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي جي مجموعي پيداواري صلاحيت 108 ميگاواٽ آهي ۽ 36 ميگاواٽ جا ٽي يو??ٽ هنيا ??ين??ا. پهريون يو??ٽ مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون يو??ٽ هلندڙ سال مارچ ۽ مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿي ??ين??ا.
ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔