اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مس??م ليگ (ن) 2013ع جي پنهنجي چونڊ منشور ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڄ ان واعدي جي تڪميل ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ ڇهين آدمشماري جي لاءِ سڀئي تياريون مڪمل آهن، انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزري مريم اورنگزيب چيو ته گذريل آدمشماري 1998ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٿي هئي ۽ هنيئر ٻيهر وزيراعظم جي ويزن تحت ڇهين آدمشماري ڪرائي رهيا آهيون ته جيئن درست انگن اکرن تحت مستقبل جي منص??با??ندي ڪري سگهجي. هن چيو ته ان حوالي سان سمورن حصيدارن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي ۽ ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ امن امان جي صورتحال سبب ان عمل ۾ دير ٿي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، هن چيو ته 1998ع جي آدمشماري هڪ مرحلي ۾ 19 ڏينهن دوران مڪمل ڪئي وئي جنهن ۾ 2 لک 50 هزار اهلڪارن ??دد ڪئي هئي، هن چيو ته موجوده آدم ۽ گهر شماري دوران پ??ڪ فوج جي شموليت ۽ مدد جي حوالي سان حالتون م??تل?? هيون، تنهن هوندي به پ??ڪ فوج ان قومي فرض جي ادائيگي لاءِ م??تل?? تجويزون پيش ڪيون ۽ چيو ته آدمشماري جو عمل ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هٿياربند فوج طرفان افرادي قوت جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي
آدمشماري جي لاءِ تياريون مڪمل آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری