گڏيل قومون- 18 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي حق خود اراديت جي توثيق بابت پاڪستان طرفان پيش ڪيل قراردادن جي ??تفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قرارداد جي ??تن جي سفارش گذريل مهيني سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن بابت گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي ??ئين ڪميٽي ڪئي هئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن قومي خابرو اد??ري ؟اي پي پي“ جي ??مائندي کي هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته قرارداد هڪ اهڙي دنيا جو تصور پيش ڪري ٿي جتي هر قوم، هر برادري ۽ هر ماڻهو عزت سان، ڏاڍ کان آزاد ۽ پنهنجي تقدير جو پاڻ تعين ڪرڻ لاءِ بااختيار هجي. پاڪستان 1981ع کان اها قرارداد پيش ڪري رهيو آهي ته جيئن دنيا جو ڌيان انهن ماڻهن سميت فسلطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڇڪرائي سگهجي، جيڪي هاڻي به پنهنجي ??تح نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت و??ري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. 65 ملڪن جي تعاون سان پيش ڪيل ان قرارداد ۾ ملڪن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فوري طور تي غير ملڪي فوجي ??داخلت ۽ پرڏيهي ملڪن ۽ علائقن تي قبضي سان گڏوگڏ ڏاڍ، امتيازي سلوڪ ۽ بدسلوڪي جي ڪارروائي کي روڪين. پاڪستاني نمائندي نشاندهي ڪئي ته عوام جي خود اراديت و??ري حق جي عالمي احساس جي ب??ري ۾ پاڪستان طرفان پيش ڪيل قرارداد جي ??نظوري حق خود اردايت جي عالميگر ۽ ناقابل ورهاڱي و??ري نوعيت کي واضح ڪري ٿي. هن چيو ته هي قرارداد انهن ماڻهن جي جذبي جي احترام ڪري ٿي جن ڏاڍ خلاف مز??هم?? ج??ري رکي آهي ۽ مستقل قبضي ۾ رهندڙ جهڙوڪ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ??اڻهن لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو هڪ طاقتور پيغام آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته حق خود ارادايت رڳو تاريخ يا موجوده پل جو معاملو ناهي پر اهو مستقبل جي جوڙجڪ جي ب??ري ۾ آهي. ان جي شرطن تحت قرارداد جنرل اسيمبلي جي غير ملڪي فوجي ??داخلت، جارحيت ۽ قبضي جي ڪاررواين جي سخت مخالفت جو به اعلان ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان جي ??تيجي ۾ دنيا جي ڪجهه حصن ۾ ماڻهن جي خود اراديت ۽ ٻين انساني حقن کي ڏاڍ ذريعي دٻايو ويو آهي. قرارداد ۾ ذميوار رياستن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پرڏيهي ملڪن ۽ علائقن ۾ پنهنجي ??وجي ??داخلتن ۽ قبضي سان گڏوگڏ ڏاڍ، امتيازي سلوڪ، استحصال ۽ بدسلوڪي جي سموريون ڪارروايون فوري طور تي بند ڪن. جنرل اسيمبلي انهن لکين پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي حالت تي به افسوس جو اظهار ڪيو جيڪي انهن ڪاررواين سبب بي گهر ٿيا آهن ۽ انهن جي حفاظت ۽ عزت سان رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جي حق جي توثيق ڪئي. قرارداد ۾ انساني حقن جي ڪائونسل تي زور ڀريو ويو ته هو انساني حقن جي ڀڃڪڙين خاص طور تي پرڏيهي فوجي ??داخلت، جارحيت يا قبضي جي ??تيجي ۾ حق خود اراديت تي خصوصي ڌيان ڏي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران پاڪستان طرفان پيش ڪيل عوام جي حق خوداراديت جي توثيق تي ٻڌل قرارداد جي متن جي منظوري
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ