ڪويت سٽي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران ??ي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ??يو آهي ته ايران ??ي پاڙيسري ملڪن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حملي لاءِ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدون استعم??ل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ايران جي ميزائل حملي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ??يو آهي ته اسان جي سمورن پاڙيسري ملڪن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعم??ل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن ??يو ته اسان خطي ۾ آمريڪي ا??ن جي چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سموري چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ ??يو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ايران تي حملو ڪري ٿو ته ايران ان جو جواب ڏيندو. هن ??يو ته ايٽمي هنڌن تي حملو ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ايٽمي هنڌن تي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالمي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ ??يو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ اسان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ اسان انهن تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر