برسلز _15 آڪٽوبر (اي پي پي )يورپي يونين ايراني اختيارين ۽ ايران ايئر لائينز سميت ڪيترن ئي ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي م??ڊيا مطابق ايران تي پابندين جو سبب روس کي يوڪرين خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ميزائلن ۽ ڊرونز جي م??تقلي جو الزام بيان ڪي?? آ??ي. يورپي يونين جي پرڏيهي وزير ايران ايئر لائ??ن سميت ستن ادارن، نائب دفاع واري وزير سيد حمزه غلندري تي پابندين جي م??ظوري ڏني آهي . يورپي يونين جي سرگر?? ملڪن ۾ شامل برطانيه ، فرانس ۽ جرمني گذريل مهيني ايران تي روس کي م??زائلن جي م??تقلي تي آمريڪا وانگر پابنديون لڳايون هيون. يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا وان ڊيرلين يورپي بلاڪ طرفان پابندين جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وڌيڪ پابندين جي ضرورت آهي. ارسولاوان ڊيرل??ن سوشل ميڊيا جي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو آهي ته يوڪرين خلاف روس جي جارحيت جي جنگ ۾ ايراني حڪومت جي حمايت قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي.
يورپي يونين ايران تي پابنديون لڳائي ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil