اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ا??م ايف) جاري مالي سال د??را?? سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ا??م ايف طرفان جاري 2023ع جي اقتصادي منظرنامي جي عنوان سان هڪ رپورٽ ۾ ڪئي آهي. رپورٽ مطابق 2022ع ۾ عالمي اقتصادي اوسر جي شرح 3.5، 2023ع ۾ 3 سيڪڙو ۽ 2024ع ۾ 2.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. اسريل معيشتن ۾ مالي سال 2024ع د??را?? اقتصادي اوسر جي شرح 1.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. گذريل سال ڄاڻايل معيشتن ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 1.5 سيڪڙو ۽ 2022ع ۾ 2.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئ??. ا??رندڙ ۽ اسريل معيشتن ۾ جاري مالي سال د??را?? اقتصادي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل معيشتن ۾ گذريل مالي سال د??را?? اقتصادي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو ۽ 2022ع ۾ 4.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. آءِ ا??م ايف جي ايم ڊي چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ملڪن ?? معيشتن کي ترقي جي سمر مان لاڀ کڻڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. آءِ ا??م ايف موجب مالي سال 2024ع ۾ آمريڪا جي اوسر جي شرح 1.5 سيڪڙو، جرمني 0.9 سيڪڙو، فرانس 1.3 سيڪڙو، اٽلي 0.7 سيڪڙو، اسپين 1.7 سيڪڙو، ڪينيڊا 1.6 سيڪڙو، چين 4.2 سيڪڙو، ڀارت 6.3 سيڪڙو، روس 1.1 سيڪڙو، برازيل 1.5 سيڪڙو، مراڪش 6.3 سيڪڙو، سعودي عرب 4 سيڪڙو، نائيجيريا 3.1 سيڪڙو ۽ ڏکڻ آفريقا جي اقتصادي اوسر جي شرح 1.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ا??م ايف جي رپورٽ مطابق جاري مالي سال ۾ عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي شرح 4.8 سيڪڙو سراسري طور رهندي جيڪا 2022ع ۾ 9.2 سيڪڙو ۽ 2023ع ۾ 5.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات