اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ڪراچي ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي معاهدن تي لاڳاپيل ڌرين سان نئين سري سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڳين حڪومت جي دور ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي تعمير ۽ ايل اين جي درآمد جي معاهدن جي جاچ ٿي رهي آهي، پيٽروليم واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي معاملي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ٽرمينلز جي معاهدي ۾ طئي ٿيندڙ منافعي جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، ڌرين سان ڳالهه نه ٺهي ته پوءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي، ملڪ ۾ شفاف نظام هوندو ته سرمائيڪار ايندا، تازيون ضمني چونڊون مڪمل طور تي منصفاڻيون، آزاداڻيون ?? غير جانبدارڻيون هيون، گذريل حڪومتن وانگر موجوده حڪومت ضمني چونڊن تي قطئي طور تي اثر انداز نه ٿئي، هن اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
وفاقي ڪابينا ايل اين جي ٽرمينلز تي ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي: غلام سرور خان
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی