راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائر??ڪٽ?? جنرل ميجر جنرل بابر ??فتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروج??ڪٽ??ئل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين. پريس بريفن?? ۾ ??يجر جنرل بابر ??فتخار ٻڌاي?? ته 9 مارچ جي شام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروج??ڪٽ??ئل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي. هن چي?? ته پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ٿيو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل بابر ??فتخار چي?? ته جهڙي طرح اهو واقعو ٿيو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ٿي?? ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چي?? ته پاڪستان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان پنهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان واقعي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چي?? ته في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيند?? ته ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.
ڀارت جي علائقي سرسا جي پاسي مان 9 مارچ تي تيز رفتار شيءَ فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي، اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي پريس بريفنگ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا