اسلام آباد -01 ??سمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ??ار پرڏيهي آفيس ۾ وومين ايسوسيئيشن چيئرٽي بازار جو افتتاح ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ چيئرٽي بازار جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ??ار پاڪستان فارين آفيس وومين ايسوسيئيشن جي سالياني چيئرٽي بازار 2024ع جو افتتاح ڪيو. چيئرٽي بازار ۾ مختلف سفارتخانن طرفان اسٽال ۽ پنهنجن پنهنجن ملڪن جي ثقافتي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي پرڏيهي سفارتڪار ۽ سندن گهر ڀاتين جو وڏو انگ به چيئرٽي بازار ۾ موجود هو. ان کان علاوه پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جو وڏو انگ به ان موقعي تي موجود هو. ان بازار جو مقصد م??اش??ي ۾ مستحق ۽ ڪمزور طبقن جو سهڪار ۽ ڀلائي ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ