لاهور-18 نومبر (اي پي پي) بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري ڪالهه حسن ابدال کان گر??واره درٻار صاحب ڪرتارپور نارووال پهچي وي??. ا?? موقعي تي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان ياترين لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش، سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. ڪرتارپور پهچڻ تي ڀارت مان آيل دهلي گر??واره مئنجمينٽ ڪميٽيءَ جي پارٽي ليڊر هرجيت سنگهه بپا ڳالهائيندي چيو ته ياترين لاءِ ڪيل بن??وبست تعريف لائق آهي. پاڪستان پُرامن ملڪ آهي، پاڪستاني سک قوم سان دلي محبت ڪن ٿا، حڪومت ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ اسان کي عزت ڏني ۽ پرخلوص انتظام ڪيا. سک عورتن به انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هتي تمام گهڻي عزت ۽ احترام مليو آهي. اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ترجمان موجب سک ياتري گر??واره درٻار صاحب ڪرتارپور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، جتي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان مختلف ??قريبن جو بن??وبست ڪيو ويندو. طئي ٿيل شيڊول موجب ياتري 20 نومبر تي گر??واره روهڙي صاحب ايمن آباد جي ياتري لاءِ لاهور پهچندا.
بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙ سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج