اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23 هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي هاڻوڪي چيئرمين هجڻ جي ناطي وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ چين، روس، بي??اروس، قزاخستان، تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم پنهنجي ملڪ?? جي نمائندگي ڪندا. ايران جو نائب صدر اول، ڀارت جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. منگوليا جو وزيراعظم مبصر اسٽيٽ ۽ ترڪمانستا?? جي ڪابينا جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندا. ان اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ٻطرفيون اهم ملاقاتون به ڪندو. اجلاس ۾ ميمبر ملڪ?? وچ ۾ تازي اقتصادي، واپاري، ماحولياتي، سماجي، ثقافتي لاڳاپن تي خيال?? جي ڏي وٺ به ٿيندي. اجلاس ۾ تنظيم جي ڪارڪردگي تي به غور ڪيو ويندو. ايس سي او ميمبر ملڪ?? وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويندا جڏهن ته تنظيم جي بجيٽ جي منظوري به ڏني ويندي.
پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي اجلاس جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری