اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڀرپور ۽ گ??ڻ رخي تاريخ ۽ تهذيبي ميراث فخر جو سبب آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اس??ريٽجڪ اس??ڊي (آءِ ايس ايس آ??ِ) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن، ثقافتي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ملڪ جي ڀرپور ۽ گ??ڻ رخي ورثي تي پنهنجي گهري فخر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي واديءَ ۽ گ??ڌارا جي قديم تهذيب موجوده پاڪستان ۾ وڌيون ويجهيون آهن. پرڏيهي سيڪريٽري آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان قديم ثقافتن ۾ جدت، لچڪ ۽ گڏيل بقاءَ جا قدر اڄ به موجود آهن. هن سياحت ۽ ترقي جي لاءِ متوازن موقف اختيار ڪرڻ جي ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جا ثقافتي اثاثا ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ آهن. هن ان موضوع تي ڌيان ڏيڻ جي انسٽيٽيوٽ آف اس??ريٽجڪ اس??ڊي (آءِ ايس ايس آ??ِ) جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري يقين ڏياريو ته پرڏيهي آفيسر انهن ڪوششن ۾ هڪ پرعزم اس??يڪ هولڊر ۽ حصيدار رهندا ۽ پاڪستان جي گڏيل ميراث جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ مقامي ڪميونٽيز ۽ عالمي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ افتتاحي اجلاس کي سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي به خطاب ڪيو.
پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار