اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تار?? چيو آهي ته قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو استحقاق آهي، عدالتي فيصلن جي ??اري ۾ راءِ ڏئي سگهجي ٿي، خاص سيٽن جي ??والي سان قانون واضح آهي ته آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن ۾ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻي هوندي آهي، سپريم ڪورٽ جي ??فصيلي عدالتي فيصلن نظر??ان?? جي ??رخواستن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، عدالتي فيصلي ۾ هڪ اهڙي پارٽيءَ کي رليف ڏنو ويو آهي جيڪا ڌُر ئي نه هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص سيٽن تي تفصيلي عدالتي فيصلي جي ??والي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اعظم نذير تار?? چيو ته حڪومت پارليامينٽ مان ئي نڪتي آهي ته پارليامينٽ جيڪي قانون بڻايا آهن، ظاهر آهي ته حڪومت کي اهو به ڏسڻو هوندو آهي، عدليه آئين جي ??شريح ڪري ٿي، جڏهن اسان آياسين ته نگران حڪومت هلي وئي، 8 فيبروري جون چونڊون ٿيون ۽ پوري قوم کي خبر آهي ته جهڙيءَ طرح اهي چونڊون يقيني بڻايون ويون ان جو ڪريڊٽ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڏانهن وڃي ٿو. هن قدم کنيا ۽ سپريم ڪورٽ جي ??ينچ آرڊر ڪيو ته چونڊون هر صورت ۾ 8 فيبروري تي ٿينديون. اعظم نذير تار?? چيو ته خاص سيٽن جي ??والي سان قانون واضح آهي ته جيڪڏهن ڪو ميمبر آزاد حيثيت ۾ چونڊجي ??چي ته چونڊون کٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر کيس ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻي هوندي آهي ۽ اهو هاڻ قانون تحت ناقابل واپسي آهي. هن چيو ته چونڊ ايڪٽ ۾ ٻه بنيادي ترميمون ڪيون ويون آهن، آزاد اميدوار ڪنهن به پارٽيءَ ۾ شموليت جو عمل ناقابل واپسي آهي، آئين جي ??رٽيڪل 51 تحت سيٽن جي ورهاست قانون مطابق ٿيندي، پارليامينٽ وٽ قانونسازيءَ جو مڪمل اختيار آهي. قانون واري وزير چيو ته اڄ جي ??دالتي فيصلي ۾ قانونسازي جي ??والي سان معاملن تي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي، درخواست موجب فيصلو ڏنو وڃي ٿو پر اهو درخواست جي ??بتڙ ڏنو ويو، نظر??ان?? جي ??پيل غير اثر نه ٿي ڇاڪاڻ ته آئين تحت قانون حق ڏئي ٿو ۽ سياسي پارٽي جون نظر??ان?? درخواستون پيل آهن، اڄ جي ??فصيلي فيصلي انهن نظر??ان?? درخواستن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي. هن چيو ته آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا جنهن کانپوءِ اهو معاملو ختم ٿي ويو، آزاد اميدوارن اهو نه چيو ته اسان جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ماضيءَ ۾ وڏا دليراڻه اختلافي نوٽ لکيا ويا، اختلاف ئي بحث ۽ منطق جو حسن آهن. هن چيو ته ملڪي معاملا قانون موجب ئي هلندا، اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي.
قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو استحقاق آهي: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ