اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير جي لاءِ سول ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊائريڪٽر جنرل احمد اسحاق جهانگير کي اڻٿڪ خدمتن تي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو. ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل اطلاع موجب احمد اسحاق جهانگير بطور ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي انساني ??سمگلنگ، دهشتگردي، مني لانڊرنگ ۽ آن لائين جنسي هراسمينٽ جهڙن سنگين ڏوهن جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻارن جي جنسي استحصال جي روڪٿام جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪندي سڄي ملڪ ۾ خصوصي سيل ٺاهيا ويا ۽ هن سائبر چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ادارن سان مضبوط رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. احمد اسحاق جهانگير 1992ع ۾ پاڪستان پوليس سروس ?? شموليت اختيار ڪئي، سندس تعلق 20 هين ڪامن سان آهي، هن پاڪستا?? ۾ ??ائ??ر ڪرائيم جي روڪٿام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بطور ايڊيشنل ڊي جي سائ??ر ڪرائيم ونگ احمد اسحاق جهانگير جي قيادت ۾ ايف آءِ اي سائ??ر ڪرائيم جي خلاف موثر حڪمت عملي تيار ڪئي ۽ وقت سر قدم کنيا، توهان جي ڪوششن سان سائ??ر ڪرائيم ۾ ملوث عنصرن جي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آيون، توهان جي قيادت ۾ ايف آءِ اي انساني ??سمگلنگ ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي، اعتراض جوڳي، نفرت آميز مواد جي خلاف سخت قدم کنيا. احمد اسحاق جهانگير عالمي سطح تي ايجنسي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو ۽ عالمي ادارن سان تعاون کي فروغ ڏنو. ان کا??سو??ءِ توهان جي خدمتن ۾ پوليس جي روايتي طريقن کي جديد طريقيڪار ۾ بدلائڻ به شامل آهي، توهان پوليس رولز 2017 – 2018ع جو مسودو تيار ڪيو، جنهن سان پوليس جي ڪم ڪرڻ جي طريق?? ۾ ??هتري آئي. احمد اسحاق جهانگير کي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري 1995ع ۾ صدر جي پوليس ميڊل سان پڻ نوازيو ويو. ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير کي سول ايوارڊ 23 مارچ 2025ع جي تقريب ۾ ڏنو ويندو.
صدر آصف علي زرداري ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير جي لاءِ سول ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : رومن دولت