اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي روانگي واپار ساليانو 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته بر??م?? ڪندڙن جا مسئلا ٻن هفتن ۾ حل ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي بر??مدات ترقيات بورڊ (National Export Development Board) جي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، قيصر احمد شيخ، عبدالعليم خان، احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل آفيسرن ۽ وڏي انگ ۾ مختلف شعبن بشمول ٽيڪسٽائيل، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ليدر، زراعت سان تعلق رکندڙ بر??م?? ڪندڙن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن بر??مدي صنعت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي حڪومت پاران بر??مدي صنعت جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان جو روانگي واپار 30 ارب ڊالر کان وڌي ويو جنهن کي ٻيڻو ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو منصوبو پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ملڪي روانگي واپار کي 60 ارب ڊالر ساليانو تي پهچائڻ جو هدف ڏنو. وزيراعظم چيو ته واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ايندڙ ٽن سالن ۾ روانگي واپار کي 60 ارب ڊالر جي هدف جي لاءِ عملي قدم کڻن. الحمدالله گذريل مالي سال ملڪي روانگي واپار 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو، حڪومتي پاليسين جي ڪري انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار 3.2 ارب ڊالر کان وڌي ويو جيڪا ??وش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بر??م?? ڪندڙن جي نشاندهي ڪيل مسئلن کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هر ڏيڍ مهيني کانپوءِ قومي ترقي بر??مدات بورڊ جي اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. پاڪستان جي ترقي جي لاءِ سڀني کي محنت ڪرڻي آهي. مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته واپار واري وزارت بر??مدات جي صلاحيت رکندڙ شعبن جي نمائندن سان گڏجي پاليسي تجويزن کي حتمي شڪل ڏي، زرعي بر??مدات ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قومي غذائي تحفظ واري وزارت صوبن سان گڏجي ايڪسٽينشن سروسز جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته معياري ٻج ۽ زرعي جنسن جي وڌيڪ پراسيسنگ ڪري ان جي بر??مد يقيني بڻائي وڃي. زرعي جنسن جي وڌيڪ پيداوار واري قسمن کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بر??مدات جي شپنگ جي حوالي سان مسئلن کي فوري حل ڪري يورپ ۽ آمريڪا پاڪستاني سامان جي پهچ جو وقت گهٽ ڪيو وڃي. واپار واري وزارت سيڙپڪاري بورڊ سان چيني بر??مدي صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان تعاون يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني شين جي بر??مدات ۾ اضافي ۽ ان جي منفرد سڃاڻپ ٺاهڻ جي لاءِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، جدت ۽ بر??نڊ ڊيولپمينٽ تي ڪم ڪيو وڃي. ايف بي آر پاران بر??م?? ڪندڙن جي ريفنڊز ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ٽريڊ آفيسرز انهن ملڪن ۾ پاڪستاني شين جي بر??مد ۽ پاڪستاني بر??م?? ڪندڙن جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته صنعتن جي لاءِ بجلي جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بجلي واري وزارت هڪ جامع منصوبو پيش ڪري. سڄي دنيا ۾ نجي شع??و ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. نجي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ انهن کي پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل جو حصو بڻايو وڃي. بر??مدي صنعتن جي نمائندن وزيراعظم کي مسئلن جي حل جي لاءِ تسلسل سان ملاقاتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته وزيراعظم جي بر??مدي شعبي ۾ خصوصي دلچسپي صنعتڪارن جي لاءِ حوصلي جوڳي آهي. بر??م?? ڪندڙن وزيراعظم جي بر??مدي صنعت کي ايف بي آر پاران وقت سر ريفنڊز جي فراهمي جي قدمن کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران ملڪي روانگي واپار ساليانو 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف، برآمد ڪندڙن جا مسئلا ٻن هفتن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria