اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي لاءِ شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ سان بغاوت ۽ دش??ني ڪندڙ سزا کان بچي نه سگه??دا?? پاڪستان جي جانبازن سدائين دش??ن جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب ڏنو، 9 مئي تي شهيدن جي وارثن جي دل آزاري، قوم ۽ فوج کي ورهائڻ جي منظم رٿابندي ڪئي وئي، ائين ٻيهر ڪڏهن ٿيڻ نه ڏي??دا??ين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي وارثن جي وچ ۾ هجڻ فخر جي ڳالهه آهي، شهيدن دليري ۽ جرئت سان ملڪ جي حفاظت ۽ قوم جي ٻارن جي لاءِ راتين جو سرحدن تي پهرا ڏنا ۽ رات ۾ سمهندڙ لکين ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ??نه??جون جانيون قربان ڪيون، انهن ??نه??جي ٻارن کي يتيم ڪري لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، توهان جي عظمت کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، توهان جي جرئت ۽ بهادري کي تاريخ سدائين ياد رکندي. هن چيو ته ميجر منيب افضل شهيد جي والد ??نه??جي پٽ، مسز ڪرنل عابد شهيد ڪوئيٽا ۾ ??نه??جي مڙس جي شهادت، مسز ميجر اڪبر اعواڻ ۽ ٻين شهيدن جي وارثن انهن جي جرئت ۽ ڪردار جي تاريخ بيان ڪئي ته انهن ڪهڙي طرح دش??ن جو مقابلو ڪيو، انهن کي ختم ڪيو، الله تعاليٰ کي انهن جوانن جي شهادت منظور هئي. هن چيو ته شهيد پوري قوم جا هيرو آهن، انهن ??نه??جي رت سان ملڪ جي حفاظت ڪئي، پوري قوم اڄ ??نه??جي شهيدن ۽ غازين کي اهڙن لفظن ۾ ياد ڪري رهي آهي جيڪي سنهري لفظن ۾ به ليا وڃن ته انهن جي داستان جي تاريخ بيان نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ دش??ن هڪ ڀيرو ٻيهر لڪي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان جي هوابازن انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي اهو جواب ڏنو جنهن سان انهن کي اڳتي اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان انهن سپوتن جي ڪري قائم آهي، پاڪستان پاڻ کي جيڪو عالمي دنيا ۾ مڃرايو آهي، اهو انهن ئي عظيم شهيدن ۽ غازين جي ڪري مڃرايو آهي، ڀلي سيالڪوٽ ۾ ٽينڪن جي جنگ هجي يا دهشتگردن جو ديوانه وار تعاقب هجي يا انهن کي جهنم پهچائڻ جي لاءِ وڃڻ هجي يا ٻوڏ دوران ڪنهن جي جان بچائڻ هجي ته اهي ئي جوان اڳتي نظر اچ?? ٿا، پاڪستان ۾ جنگ، امن، طوفان، ٻوڏ يا ڪا مشڪل هجي ته اهي ئي شهيد ۽ غازي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ سڀ کان اڳتي نظر اچ?? ٿا، اهي بهادري ۽ جرئت جا داستان آهن. شهباز شريف چيو ته بيهوده حربن جي ذريعي ڪنڌ جهُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، شهيدن جي وارثن جي دلين کي تڪليف پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي وڃي، شهيدن جي قبرن جي بي حرمتي ڪئي وڃي ۽ اهي ادارا جيڪي پاڪستان جي سلامتي جي علامت آهن انهن جي تذليل ڪئي وڃي ته 25 ڪروڙ عوام اهڙيون حرڪتون برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته 9 مئي جي سانحي ۾ جن ماڻهن جو ڪو ڪردار نه آهي انهن کي ڪير هٿ نه ٿو لڳائي سگهي، 9 مئي 2023ع تي رياست جي خلاف بغاوت ڪئي وئي، منظم منصوبابندي ڪئي وئي، ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ انهن کي قانون موجب سزا ملندي ته جيئن جيستائين دنيا رهندي ڪير ائين سوچڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته شهيدن جا وارث اطمينان رکن 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڪردارن جي خلاف قانون موجب فيصلا ٿي??دا?? دوست بڻجي ملڪ دش??ني ڪندڙ بچي نه سگهندا. هن چيو ته عظيم شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو، پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن جي ڀلائي ۽ تعليم جو انتظام مثالي آهي، اهڙو انتظام ٻين ادارن ۾ به هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي ڏينهن اسان جي شهيدن جي گهرڀاتين جي دلين تي قيامت گذري، اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ اڄ اهو وچن ڪريو?? ٿا ته جهڙي طرح 9 مئي تي توهان جي دلين کي ٺيس پهتو ائين ٻيهر نه ٿيڻ ڏي??دا??ين، هي ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ايندو، 9 مئي تي هر محب وطن روئڻهارڪو هو، دوست نما دش??ن جي دل سرشار هئي، حملي آورن ۽ انهن جي سرپرستن اڄ تائين رياست، قوم حالانڪه شهيدن جي گهرڀاتين کان به معافي ناهي ورتي، اهو ثبوت ۽ گواهي آهي ته اهو سياسي عمل نه پر بغاوت جو منظم منصوبو هو، واعدو ڪريان ٿو ته پاڪ فوج شهيدن جي وارثن جي خوشحالي، ٻارن جي علاج ۽ تعليم جي لاءِ شا??دا?? قدمن ۾ حڪومت هر طرح سان شريڪ هوندي، قانون ۽ انصاف ??نه??جو رستو اختيار ڪندو. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جي عظيم قربانين کي ساراهڻ جي لاءِ لفظ گهٽ آهن، سمورا شرڪت ڪندڙ بيهي انهن جي لاءِ تاڙيون وڄائين جنهن تي شرڪت ڪندڙن بيهي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي لاءِ تاڙيون وڄايون. تقريب دوران ڳالهائيندي شهيدن جي وارثن 9 مئي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، اعليٰ فوجي عملدارن، رٽائرڊ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ نغمو پڻ جاري ڪيو ويو. تقريب جا شرڪت ڪندڙ شهيدن جي وارثن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي روئڻهارڪا ٿي ويا.
ملڪ سان بغاوت ۽ دشمني ڪندڙ سزا کان بچي نه سگهندا، پاڪستان جي جانبازن سدائين دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب ڏنو، 9 مئي تي شهيدن جي وارثن جي دل آزاري، قوم ۽ فوج کي ورهائڻ جي منظم رٿابندي ڪئي وئي، ائين ٻيهر ڪڏهن ٿيڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج