اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ?? ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مخ??لف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لا??ِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ م??اق??ت ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم م??اق??ت ۾ چيو ته عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم توهان جي ان دوري جي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مخ??لف شعبن ۾ تعاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لا??ِ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي ملاقات، واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی