اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي ا??لام آباد پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس و??ري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سندس آجيان ڪئي. ايراني صدر سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي ا??ٽريٽجڪ ا??جنڊا پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب