اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران مسلم ڪانفرنس ڄمون ۽ ڪشمير جي بٽ ۽ سمجهي ڌڙن تي پابندي هڻڻ ۽ جماعت اسلامي ڄمون ۽ ڪشمير تي موجوده پابندي کي وڌيڪ 5 سالن تائين وڌائڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 ڪشميري سياسي پارٽين کي غيرقانوني ??را?? ڏنو ويو آهي. هن چيو ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي. ترجمان چيو ته اهي جابراڻا قدم عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ??ند?? ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت ڪالعدم ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.
پاڪستان پاران ڀارتي عملدارن پاران مسلم ڪانفرنس ڄمون ۽ ڪشمير جي بٽ ۽ سمجهي ڌڙن تي پابندي هڻڻ ۽ جماعت اسلامي ڄمون ۽ ڪشمير تي موجوده پابندي کي وڌيڪ 5 سالن تائين وڌائڻ جي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت