اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت معيش?? جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قائم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڪريٽري عملدرآمد جهانزيب خان ۽ سيڪريٽري جميل احمد قريشي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جا موق??ا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ايس آئي ايف سي تحت ٻاهريون سرمايو وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪوم?? جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان حڪمت عملي تحت سيڙپڪارن کي منصوبن جي لاءِ ون ونڊو سهولت ڏني ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيش?? جي بهتري لاءِ ايس آئي ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ پڻ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ڇتري هيٺ انهن شعبن جي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ عالمي معيار جو انفراسٽرڪچر اهميت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان جي توانائي شعبي جي بهتري لاءِ ريگيوليٽري اسٽرڪچر کي موجوده دور جي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت ايس آئي ايف سي جي فورم جو ڀرپور استعمال يقيني بڻائيندي، نگران حڪومت پنهنجي مختصر حڪوم?? جي دور ۾ پنهنجون سموريون توانائيون پاڪستان جي معيش?? جي استحڪام ۽ ترقي تي لڳائيندي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ هڪ اميد جو ڪِرڻو آهي. نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ جهانزيب خان ۽ جميل احمد قريشي جي ايس آئي ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن