اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي جو فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو. وزيراعظم جي بيٽ رپورٽرز سان الوداعي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته هو اتحادي پارٽين جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو ته جيئن ان معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي ج??هن کانپوءِ هو ٻيهر مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سان پڻ ملاقات ڪندو. هن وضاحت ڪئي ته ڪ??هن هڪ نالي تي اتفاق پيدا نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏا??هن موڪليو ويندو جيڪا ٽن ڏي??هن جي اندر معاملي کي اڪلائيندي. پارلياماني ڪميٽي جي سطح تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ هليو ويندو ج??هن کي ٻن ڏي??هن ۾ حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران کيس ۽ مخالف ڌر اڳوڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جي لاءِ لکيل خط بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين ۾ طريقيڪار بلڪل واضح آهي. هن چيو ته بطور وزيراعظم حڪومت جي دور جا 16 مهينا منهنجي 38 سالا سياسي ڪيريئر جو سڀ کان مشڪل وقت هو جڏهن ته سمورن حصيدارن جي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت مختلف ??حا??ن تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته ٻوڏ دوران حڪومتي مشينري 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو ۽ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن پاران ورهايل امداد کانسواءِ وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ 100 ارب رپيا ورهايا هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ??يف سان معاهدو هڪ تمام وڏو چئلينج هو ج??هن تي پوري ٽيم ??ي ڪوششن سان ضابطو آندو ويو نه ته ملڪ انتشار جو شڪار ٿي سگهيو پئي. سفارتي ??حا?? تي پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر ڪيو آهي جيڪي گذريل حڪومت دوران بي بنياد الزامن جي ڪري ڇڪتاڻ وارا ٿي چڪا هئا. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت دوران مهانگائي 12.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي جڏهن ته ميان محمد نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ رڳو 3.5 سيڪڙو هئي. هن چيو ته پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري حڪومت کي ڪڻڪ جي درآمد تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪرڻا پيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سائفر بابت خبر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو ان سڀ ڪجهه بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي شڪل ۾ هڪ طريقيڪار جوڙيو آهي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن آهي.
اميد آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي جو فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل