اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ايونيو منصوبي جي ??يڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ 16 ارب رپين جي ??اڳت سان مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ايوينيو منصوبي جي ??يڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي اليونٿ اوينيو منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي ??هرين مرحلي ۾ 4.20 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيوويندو، ان ۾ ٻه انٽرچينج ۽ ٻه فلائي اوور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون مرحلو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو رستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي جي ??ڪمل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي تي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي ??ي روڊ تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ايوينيو تي خيابان اقبال، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ٿيندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ايونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری