اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي لاءِ هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ سرگرميون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان پنهنجو پاڻ کي انهن ??ئل??نجن جي توسط سان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اسان ??ئل??نجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو اسان جو تعارف آهي. هن چيو ته آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت جي تسلسل جو سهرو پاڪستاني عوام ڏان??ن وڃي ٿو. هن اهو به چيو ته پيپلزپ??رٽ?? ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو پر هن ملڪ جي خاطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آزمائشون بيان ڪندي هن چيو ته پيپلزپ??رٽ?? سدائين جمهوري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پ??پولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن سان پاڪستان جي عوام کي ش??يد پريشاني درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام تشدد کي سدائين رد ڪري ٿي، ڀلي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي يا ڪنهن نعري تحت شروع ڪيو ويو هجي. پاڪستان جي عوام ۽ سياسي پ??رٽ??ون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿيون. هن چيو ته امن امان جي تازي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ڪجهه غيرجمهوري عنصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئين کي فوجي آمرن بنا ڪنهن پڇتاءُ جي لتاڙي ڇڏيو جنهن کي عوام جي جدوجهد سان شڪست ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلزپ??رٽ?? جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری