اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ نوڪرين جي ??وٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خ??وصي ماڻهن جي ??وٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳ?? ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 12 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، خصوصي ماڻهن جي خودمختياري جي لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خ??وصي ماڻهن جي ??وٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳ?? ڪرڻ گهرجي، بئنڪ، ڪاروباري ادارا ۽ نجي شعبو خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏي. صدر چيو ته خ??وصي ماڻهن کي هنر ۽ معذوري جي نوعيت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن، پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خ??وصي ماڻهن کي قابل قدر هنر جي فراهمي جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ويجهو رابطو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تربيتي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي خصوصي ماڻهن جي تربيت لا??ِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، خصوصي ماڻهن کي مناسب نوڪرين جي فراهمي جي لاءِ نجي شعبي جي ممڪن آجرن سان ملائڻ گهرجي. صدر فوري، آسان ۽ پريشاني کان پاڪ انداز ۾ معذوري سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرٽيفڪيٽ سان خصوصي ماڻهن کي مختلف حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي عملدارن پاران خصوصي ماڻهن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن ۾ معذوري ڪوٽا تي عملدرآمد کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لا??ِ ڪم ڪيو پيو وڃي، خصوصي ماڻهن جي ??وٽا تي سرڪاري شعبي ۾ عمل ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته نجي شعبي ۾ ڪوٽا تي وڌيڪ عملدرآمد يقيني ??ڻا??ڻ جي لا??ِ ڪوششون جاري آهن، خصوصي ماڻهن کي انهن جي معذوري ۽ آجرن جي ضرورتن موجب هنر فراهم ڪرڻ جي پروگرام تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری