اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??سمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري آپريشن جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال قطعي طور تي اسمگلنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي لاءِ ??ستعمال ٿيندڙ گودامن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ، ڪڻڪ، اٽي ۽ يوريا جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايف ??ي آر، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وزيراعظم کي صوبن جي وچ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوريا ڀاڻ ۽ کنڊ جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ملڪ گير آپريشن جاري آه??، ايف ??ي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گذريل ڏينهن 49 ٽرڪ پڪڙيا ويا جڏهن ته ايف ??ي به هزارين ٽن يوريا ۽ کنڊ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي شيون پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آه??، سرحد پار اسمگلنگ جي روڪڻ جي لاءِ ??وائنٽ پيٽرولگن ٽيمز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جڏهن ته انٽيلي جنس ايجنسين جي نشاندهي تي بلوچستان ۾ چار جوائنٽ پيٽرولنگ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آه?? جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ايف ??ي آر گڏجي ڪم ڪندا. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي انهن چيڪ پوسٽن جي انگ ۾ اضافي جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت ڪڻڪ، اٽي، کنڊ ۽ يوريا کي آئٽمز قرار ڏئي چڪي آه??. وزيراعظم اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ??سپارڪو کي ملڪي سرحدن جي ريئل ٽائيم سيٽلائيٽ اميجري ۽ اچ وڃ جي ڊيٽا جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرحدي ضلعن ۾ گودامن جي نشاندهي سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي ناڪام ڪوششن ۾ پڪڙي ويندڙ سين سان ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت ڊيلرن ۽ سهولتڪارن تائين پهتو پيو وڃي. اجلاس کي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي نالن جي تيار ٿيل فهرست بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ حساس ادارن جي نمائندن ٻڌايو ته نه رڳو اسمگلنگ شين ۽ انهن جي رستن جي نشاندهي سان گڏوگڏ ملوث ماڻهن جو تعين ڪيو ويو آه?? پر ان جي خلاف ڪارروائي پڻ ڪئي پئي وڃي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پوري ملڪ ۾ سرحدي ضلعن ۾ ذخيره اندوزي جي لاءِ ??ستعمال ٿيندڙ 740 گودامن جي نشاندهي ڪئي وئي آه??، گذريل چار ڏينهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران مختلف ڪاررواين دوران 2800 ميٽرڪ ٽن کنڊ ۽ 1400 ميٽرڪ ٽن يوريا ضبط ڪئي وئي آه??. وزيراعظم چيف ??يڪريٽري پنجاب کي هدايت ئي ته اها تازو ئي اسمگلنگ جي ناڪام ڪوششن ۾ پڪڙي ويندڙ کنڊ کي دڪاندارن کي فراهم ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اهي حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن يعني 95 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ڪن. وزيراعظم غذائي تحفظ واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته اڄ ئي شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس گهرائي ڪمند جي فصل جي امدادي قيمت جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي سختي سان عملدرآمد ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ ۽ هڪ ڏورس ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان ضرورت جي شين جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آه??. هن هدايت ڪئي ته اسمگلنگ جي ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري آپريشن ڪيو وڃي، اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ??ڪمت عملي ٻن ڏينهن جي اندر پيش ڪئي وڃي، اسمگلنگ ڪنهن به معاشري جي لاءِ ناسور جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان موجوده معاشي صورتحال ۾ قطعي طور تي اسمگلنگ برداشت نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان سستي سان ڪم وٺڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ چيڪ پوسٽن جو انگ وڌايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي لاءِ ??ستعمال ٿيندڙ گودامن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته عالمي بارڊر تي بهترين شهرت جا ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، ڪرپٽ ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي هٽائڻ وقت ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ??روري قانونسازي جي لاءِ مسودو جلد پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته اينٽي اسمگلنگ ڪورٽس کي فوري طور تي فعال ۽ موثر بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اينٽي اسمگلنگ ڪورٽس جي انگ ۾ اضافو ڪيو وڃي، اينٽي اسمگلنگ ڪورٽس ۾ اعليٰ شهرت يافته ججز سان گڏوگڏ پراسڪيوٽرز جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان پهچائيندڙن کي قرار واقعي سزا ڏينداسين. هن هدايت ڪئي ته چيف ??يڪريٽري صوبن جي سرحدي ضلعن ۾ انهن شين جي طلب جا انگ اکر فراهم ڪن ته جيئن انهن ضلعن ۾ پهچ ان حد کان مٿي نه وڃي. هن هدايت ڪئي ته اسمگلنگ جي روڪٿام جي آپريشن دوران پڪڙي ويندڙ کنڊ ۽ يوريا کي بازار ۾ حڪومت جي مقرر ٿيل اگهن تي وڪرو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مخدوم مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن جڏهن ته چئني صوبن جي چيف ??يڪريٽريز پن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري آپريشن جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن