ڊيره غازي خان – 12– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ ريليف جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اتحادي حڪومت ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍندي، ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي خوابن جو پاڪستان بڻائينداسين. ڊيره غازي خان ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ وڏي وزير محسن نقوي ۽ صوب??ئي حڪومت جي نگراني ۾ مفت اٽي جي ورڇ جاري آهي، ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن، اتحادي حڪومت پنهنجي قائد ميان نواز شريف جي رهنم??ئي ۾ گڏجي انهن مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽي جي ورڇ جو وڏو پئڪيج ڏنو ويو آهي، اڳ ۾ مون کي به خدشا هئا پر اهو ڪم خوش اسلوبي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، رمضان المبارڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ دڪ??نن تي سستي اٽي جي فراهمي تي غور ڪيو ويندو، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ بحالي اسان جو اولين فرض آهي جنهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتون گڏجي قدم کڻي رهيون آهن، ان بهترين سلسلي کي ڪامياب ڪرائين، اٽي جي مفت فراهمي جي لاءِ بهترين انتظامن تي ??يف سيڪريٽري پنجاب، راجن پور، ليه، مظفر ڳڙهه ۽ ڊيره غازي خان جي انتظاميا جا قدم ساراهه جوڳا آهن، الله تعاليٰ اسان کي اڃا وڌيڪ همت ڏي ته اسان پاڪستان جي عوام جي خدمتون ڪريون، اٽو حاصل ڪرڻ ۾ صبر ۽ تحمل ۽ برداشت سان ڪم وٺو ۽ امن امان برقرار رکو، عورتن، بزرگن، بيمار ۽ خصوصي ماڻهن کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي، اسان ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي خوابن جو پاڪستان بڻائينداسين.
ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ ريليف جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر