اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي م??تسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت س?? عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي م??تسب بلوچستان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي م??تسب بلوچستان صد?? کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ضروري ??هي?? وفاقي ۽ صوبائي م??تسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسبين جون خدمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي م??بوط بڻائڻ لازمي ??هي?? ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته صوبائي م??تسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت س?? عملدرآمد يقيني بڻ??ئي?? بلوچستان جي عوام کي م??تسب جي ڪردار بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. ملاقات جي موقعي تي صوبائي م??تسب صد?? کي 2021ع جي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي م??تسب بلوچستان چيو ته صوبائي م??تسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪايتون مليون جن مان 1043 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪايتون تعليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته بلوچستان جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.
صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا