اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اتفاق راءِ کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آءِ ايم ايف سان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ??اراهيو ۽ يقين ڏياريو ته رياست پاڪستان حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن تي قائم رهندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت هڪ آرڊيننس ج??ري ڪري ٽيڪسن جي ذريعي اضافي روينيو گڏ ڪرڻي چاهي ٿي. صدر مشورو ڏنو ته ان اهم موضوع تي پارليامينٽ کي ??عتماد ۾ و??ڻ وڌيڪ مناسب هوندو ۽ فوري طور تي اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن بل کي ??نا دير قانون بڻائي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا