اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي تنوير احمد شهيد جي والد کي ٽيليفون ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب سپاهي تنوير احمد 5 فيبروري تي موسيٰ چ??ڪ پوسٽ ڪوئيٽا ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر شهيد ۽ ان جي خاندان جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي خدمتن ۽ قوم جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر فرض جي ادائيگي ۾ شهادت ماڻڻ، وطن جي لاءِ قرباني تي شهيد کي سلام پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد جي پونئيرن سان همدردي??َ جو اظهار ۽ وطن جي خاطر قرباني ڏيڻ تي قوم پا??ان ٿورا مڃيا. صدر شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي د??ا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ