اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏ??نه?? جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير ??سحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير ??حسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي وارو وفاقي وزير ??واجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير ??ردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين ??حمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير ??يد مراد علي شاهه وزيراعظم جي ??فد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي ??زيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ??يهين ??يشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن ??نگ جي ??يون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن ??نگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي ??زيراعظمن جي ??چ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ وسيع تر ٻطرفن لاڳاپن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina