ڪراچي – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير ڪميٽي اوورسيز جي وائيس چيئرمين، پاڪستان جرنلسٽس فورم سعودي عرب جي صدر ۽ سماجي اڳواڻ معروف ح??ين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي معاشي سرگرمين ۽ سماجي ۽ سياسي زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کان پوري طرح آگاهه آهي. ڪشمير اس??حصال ڏهاڙي جي حوالي سان سعودي عرب ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. سعودي عرب جي شهر جده مان ڪشمير اس??حصال ڏهاڙي تي اي پي پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ مضبوط حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير اس??حصال ڏهاڙي جي حوالي سان هتي رياض سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ ۾ به مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ جي خلاف موثر آواز اٿاريو وڃي. هن چيو ته اس??ن جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ??کي?? پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته اس??ن جو ڪشمير اس??حصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين کي ظلمن کان فوري ۽ مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي ۽ بزدل ڀارتي فوج هٿان ڄمون ۽ ڪشمير ??ي معصوم ماڻهن جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ آهي. معروف ح??ين ان اميد جو به اظهار ڪيو ته اس??ن جا ڪشميري ڀينر ۽ ڀائر پنهنجي جدوجهد ??ار?? رکندا ۽ آخري وقت تائين وڙهندا ۽ ثابت قدم رهندا. جيستائين ڪشمير پاڪستان نه ٿو بڻجي وڃي.
پاڪستان ڪشميرين کي معاشي سرگرمين ۽ سماجي ۽ سياسي زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کان پوري طرح آگاهه آهي: سماجي اڳواڻ معروف حسين
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil