اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌندڙ فرق کي ڀڻ جي لاءِ هنرمند انساني وسيلن جي انگ ۾ تيزي سان اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ ه??ر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ ط??يقا اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج مري جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته شاگرد بهتر فيصلاسازي جي لاءِ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪن، شاگرد پنهنجي لاءِ علم جا دروازا سڄي زندگي کليل رکن، شاگرد ماضي جي تجربن سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي ذريعي آساني سان دستياب علم مان فائدو کڻن. هن چيو ته نوجوانن کي غلط معلومات، فيڪ نيوز ۽ صحيح خبرن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگرد رسول الله ﷺ جي سيرت طيبه ۽ ڪامياب ماڻهن جي تجربن جي روشني ۾ فيصلاسازي ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم تحريڪ آزادي ۾ شاگردن جي ڪردار کي خاص اه??يت ڏيندو هو، بطور صدر پاڪستان عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ، خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ قومي اه??يت جي سمورن شعبن ۾ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ ??نرمند انساني وسيلا قومن جي پائيدار ۽ تيز رفتار ترقي جا لازم جز آهن، هنرمند انساني وسيلن جي غيرموجودگي ۾ قدرتي وسيلن مان فائدو نه ٿو کڻي سگهجي. هن چيو ته تعليمي ادارا شاگرد ۽ علم ۽ ه??ر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ ط??يقا اختيار ڪن، تعليمي ادارا قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قابل ۽ ه??رمند پيشيواراڻي ماڻهن جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائين.
تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر