اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شع??ن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، پولان گوادر منصوبي جي ذريعي ايران سان اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ پنهنجي امنگن موجب خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا، افغان عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اير??ن جي سفير سيد علي محمد حسيني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم بلوچستان ۾ ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ اير??ن جي وقت سر مدد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو اس??ن جي ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، وزيراعظم ايراني ق??اد?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل جاگرافي، گڏيل ورثي ۽ عوام کان عوام جي رابطي تي ٻڌل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اس??ن جا تاريخي لاڳاپن جي پيش نظر هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ٻنهي ملڪن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ گهرجي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي شع??ن ۾ موجود وسيع گنجائش جي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولي فائدو کڻڻ گهرجي، هن پولان گوادر منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن جي ذريعي ايران کان پاڪستان کي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي ايران ۽ خاص طو?? تي سپريم ليڊر طرفان ڪشمير مسئلي تي مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ??ن جي پنهنجي خواهشن موجب پنهنجو خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا. افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته افغانست??ن جي عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن افغانست??ن جي صورتحال تي بنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ساراهيو، اير??ن جي سفير سيد علي محمد حسيني وزيراعظم شهباز شريف جي منصب سنڀالڻ تي ايراني ق??اد?? پاران مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شع??ن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي مشاورت کي به اجاگر ڪيو، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ايراني ق??اد?? کي پاڪست??ن جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena