اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ??اڪ??تان جي نئين حڪوم?? جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ??اڪ??تان سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ذريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪويت جا سفير به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان ??اڪ??تان جي پرڏيهي پاليسي ??ي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خورا?? جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.
پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ