اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي س??ن چين جي ??م منصب وانگ اي وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي ??وجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ڪووڊ -19، يوڪرين ۾ جاري صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اهو چين پاڪستان دوستي لاءِ انتهائي اهم ڏينهن آهي، اهو موقعو ان لاءِ به اهم آهي ته چيني پرڏيهي وزير پهريون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان جي ??يادت ۽ عوام پاران سومر تي چين ۾ ٿيندڙ النماڪ هوائي حادثي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي چيني قيادت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ??چ ۾ ٻطرفي گهري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي س??ن تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيني هم منصب وانگ اي جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان جي ??ومي ڏينهن جي ??ريڊ ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ملڪ سدائين هر نازڪ موڙ تي هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن جي ??يادت جي ??وقف ۾ هم آهنگي ۽ عزم جي ڪري سي پيڪ فيز 2 جي حوالي س??ن اعليٰ معياري ترقي جو خواب حقيقت جو روپ ڌاري رهيو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پائيدار امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو، پرڏيهي وزير رياستي ڪائونسلر وانگ اي کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڀارت جي غير ذميداراڻي رويي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، 9 مارچ تي ڀارت پاران ”ميزائل فائر واقعي“ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هن ان واقعي جي حوالي س??ن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط جي ذريعي پاڪستان جي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جي ??طالبي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غير ذميداراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان کي معاشي بحران کان بچائڻ ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي ??وجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، چيني پرڏيهي وزير وانگ اي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان چين جي هم منصب وانگ اي جي وفد سان گڏ ملاقات
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔