اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مل?? جي مجموعي معاشي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، توانائي واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد ??خر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اس????ٽ بئن?? جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي معاشي ٽيم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ وڌندڙ پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن تي بريفنگ ني وئي جڏهن ته کيس مل?? جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس ??ي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس ??ي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضافي جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania