اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپارين ۽ صنعتي شعبي جي ملڪ ۾ معاشي ۽ واپاري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ سهولت جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ڀرپور واپاري سفارتڪاري ڪري رهي آهي ۽ ايس ايم ايز جي ??وصلا افزائي ۽ مضبوطي لاءِ آزاد واپاري معاهدن ۽ ترجيحي واپاري معاهدن جي ??ريعي مقامي واپارين ۽ صنعت جي لاءِ نئين ۽ ب??تر مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري (جي ??ي ايس ٽي اينڊ ايس آءِ) جي هڪ وفد س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي ??در لياقت علي ملڪ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر نائب صدر جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري محمد عدنان سرور، نائب صدر عبدالقيوم ۽ چيمبر جي ??يگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي ??در لياقت علي ملڪ صدر کي ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ چيمبر جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ۽ جهنگ جي واپارين لاءِ صنعتي اسٽيٽ جي منظوري تي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. وفد س??ن ڳالهائيندي صدر چيو ته ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي ب??تر بڻائڻ ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي مدد جي لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ پاڪس??ان?? واپاري عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. صدر چيو ته حڪومت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي ??رغيب ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ 100 ارب روپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت مختص ڪيا ويا آهن. هن چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز تي زور ڏنو ته هو واپارين جي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ??وصلا افزائي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪن ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي ??والي سان حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. صدر عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ جهنگ چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وفد کي ان جي مسئلن جي ??ل ۾ مدد جي ??اطري ڪرائي.
واپارين ۽ صنعتي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام