ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته دنيا چاهي ٿي ته افغانستان جا اڪائونٽس منجند ڪرڻ سان انساني ب??را?? پيدا ٿيندو، اسان کي اميد ڪرڻ گهرجي ته طالبان دنيا سان ??ڏج?? هلندا ۽ جيئن انهن چيو هو ته اهي دهشتگرد تنظيمن ٽي ٽي پي يا داعش کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو ته موجوده حالتن ۾ ڀارت جي ڪا خواهش پوري نه ٿي ۽ نه رتوڇاڻ ٿيو. ڀارتي ميڊيا پا??ستان تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ گوڙ ڪري رهيو آهي. نريندر مودي جي ميڊيا پنج شير جي هٿ ٺوڪي خبرن تي پا?? فوج جي خلاف بي بنياد الزام هنيا ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪيون. وفاقي گهرو وزير چيو ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پا??ستان جو افغانستان ۾ مفاد رڳو امن، استحڪام ۽ ترقي آهي، ڀارتي ميڊيا ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پا??ستان خطي ۾ جاگرافيائي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. پا??ستان دنيا سان امن تي به ڳالهه ڪندو. گهرو وزير چيو ته اسان ملا برادر کي امن جي مقصد جي لاءِ آمريڪين سان ڳالهين تي ويهڻ جي سهولت فراهم ڪئي، آمريڪا هڪ معاهدي تي صحيحون ڪري افغانستان ڇڏيو، پا??ستان ان تي ڪا صحيح ناهي ڪئي. اسان انهن کي ڪجهه ڪرڻ جو نه چيو پر اسان رڳو امن جا سهولتڪار آهيون. افغانستان مان پرڏيهين جي انخلا بابت پا??ستان جي ڪوششن جي حوالي سان هن بڌايو ته پا?? فوج 8 کان 10 هزار ماڻهن (پرڏيهين) کي پا??ستان مان وڏي مهمان نوازي سان انهن جي اباڻن علائقن يا جتي انهن وڃڻ چاهيو منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته گهرو وزارت انهن کي 21 ڏينهن جي لاءِ ويزا جاري ڪيا هئا ۽ انهن پرڏيهين کي هڪ مهيني جي ويزا به جاري ڪئي، جيڪي اڏامن ۾ دير يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پنهنجي منزلن تي نه وڃي سگهيا. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪا پناهگير ڪئمپ نه آهي ۽ جيڪي ماڻهو غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ داخل ٿيا هئا انهن کي واپس موڪليو ويو.
دنيا چاهي ٿي ته افغانستان جا اڪائونٽس منجند ڪرڻ سان انساني بحران پيدا ٿيندو: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق