اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميرات جو شعبو ملڪي ترقي ۽ معاشي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سمورا لاڳاپيل وفاقي کاتا ۽ صوبائي حڪومتون سيڙپڪارن جا مسئلا فوري حل ڪن، زراعت جي استعمال هيٺ ۽ ٻيلن جي لاءِ مختص زمين ڪنهن به صورت ۾ تعميرات جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، هلندڙ سال چوماسي جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم لاءِ تياري ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي هائوسنگ، تعيمرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت تري??، مملڪتي وزير فرخ حبيب، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسي??، ملڪ امين، ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر باقر رضا، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سرويئر جنرل آف پاڪستان ميجر جنرل شاهد پرويز، سي ڊي اي چ??ئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چ??ف سيڪريٽرين ۽ نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، سي ڊي اي چ??ئرمين اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سي ڊي اي جي آن لائن پورٽل جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ وڌيڪ ب??تر?? آندي ويندي، ان کانسواءِ ون ونڊو فسيليٽيشن سينٽر به جلد قائم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ??هر??ن جي لاءِ زمين جي منتقلي، فيس جي ادائيگي ۽ رهنمائي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي
تعميرات جو شعبو ملڪي ترقي ۽ معاشي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ